رمضان شگر مل پيءَ جي هئي، ان سان منهنجو ڪو واسطو ناهي: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ مالياتي اسڪينڊل بابت ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ٻئي عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف عدالت ۾ چيو ته رمضان شگر مل منهنجو ڪاروبار ناهي، اها منهنجي پيءَ جي هئي، تنهن ڪري ان سان منهنجو ڪو واسطو ناهي، منهنجي قدمن سبب منهنجي ٻارن جي شگر ملز کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، هي اهو ئي ڪيس آهي، جيڪو نيب ۾ به آهي.

شهباز شريف جي بيان تي جج چيو ته توهان جون اهي ڳالهيون اڳ ئي نوٽ ڪري چڪا آهيون.

ليگي اڳواڻ چيو ته مان ڪالهه ئي اسلام آباد مان آيو آهيان، جڏهن ته توهان حڪم ڪيو حاضر ٿي ويندس.

عدالت چيو ته جوابدارن طرفان هڪ به تاريخ نه ورتي وئي، جوابدار ڌر کي ته سٺو لڳندو آهي، ڀلي توهان ٻن مهينن جي تاريخ وٺي ڇڏيو.

پوءِ عدالت شهباز شريف سميت سڀني جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 11 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف سميت ٻين خلاف اڻ پورو چالان طلب ڪري ورتو.

عدالت چيو ته اڳتي ايف آءِ اي کي چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت نه ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.