ناليواري واري اداڪار جي وزيراعظم تي تنقيد، اِي وي ايم مزاق قرار

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري ميزبان ۽ اداڪار سلمان ثاقت شيخ عرف ماني حڪومت طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لڳائڻ جي عمل کي مزاق قرار ڏئي ڇڏيو.

ماني پنهنجي انسٽا اسٽوري تي وزيراعظم عمران خان جي ان خيال تي تنقيد ڪئي آهي ته چونڊ عمل ۾ دانڌلي روڪڻ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال واحد آپشن آهي.

هن پنهنجي انسٽا اسٽوري ۾ لکيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ڊجيٽل پمپ تي پيٽرول پورو نه مليو اهو ملڪ ڊجيٽل ووٽنگ مشين لڳائڻ چاهي ٿو، سُٺي مزاق آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.