ڪراچي ۾ باهه لڳڻ جا ٻه نوان واقعا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ آئي ڏينهن باهه جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن ۽ وڌيڪ ٻن هنڌن تي باهه لڳي آهي.

هڪ واقعو لياقت آباد تين هٽي ڀرسان پيش آيو، جتي باهه سبب ڪيتريون ئي جهڳيون سڙي رک ٿي ويون آهن، فائر برگيڊ تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو.

چيف فائر آفيسر موجب هتي تقريبن 100 جهڳيون هيون ۽ سڀ سڙي رک ٿي ويون آهن، جڏهن ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو.

هن ٻڌايو ته باهه سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته گذريل سال به رات جي وقت ۾ هتي باهه لڳي هئي.

باهه جو ٻيو واقعو صدر ۾ پارڪنگ پلازا سامهون پيٽرول پمپ تي پيش آيو، باهه کي فائر برگيڊ اختيارين پاڻي، فوم ۽ ڪيميڪل جي مدد سان وساميو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.