اسڪول بند ٿيندا يا نه؟ شفقت محمود جو اهم بيان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سموگ عام زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب صوبائي حڪومت وڏا فيصلا ڪندي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن کي گهرائڻ جون هدايتون ڪيون آهن، جڏهن ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏين تي ڏنڊ مڙهڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ سموگ سبب تعليمي ادارن جي بندش جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو پر تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اهڙي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته سموگ سبب اهڙيون حالتون ناهن جو اسڪول بند ڪيا وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال ڪورونا سبب تعليمي ادارا بند ڪرڻا پيا ۽ امتحانن جو شيڊيول متاثر ٿيو پر هاڻ سمورا امتحان وقت تي ٿيندا.

واضح رهي ته وچ پنجاب جا علائقا مسلسل هوائي گدلاڻ جي وڪڙ ۾ آهن ۽ دنيا جي گدلي ترين شهرن ۾ لاهور اڄ به پهرئين نمبر تي رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.