ڪورونا ڳورهاري عورتن جي پيٽ ۾ موجود ٻارن لاءِ خطرناڪ

دنيا ۾ ڪورونا وبا هيل تائين لکين انساني جانيون ضايع ڪري چڪي آهي ۽ وائرس خلاف ويڪسين ٺهڻ باوجود ان تي تحقيقون جاري آهن، جن ۾ ماهر ڪورونا جي نقصانن ۽ ان کان بچاءَ جا نوان نوان طريقا ٻڌائي رهيا آهن.

ڪورونا وائرس جي نوجوانن، ٻارن، پيرسن ماڻهن ۽ ڳورهاري عورتن تي اثرن جون مختلف تحقيقتون هيل تائين ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته هاڻ ڪورونا سان متاثر ڳورهاري عورتن جي حوالي سان ڪيل نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.

آمريڪا ۾ ٿيل نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪورونا ۾ مبتلا ڳورهاري عورتن جا ٻار مُئل پيدا ٿيڻ جو خدشو ٻيڻو هوندو آهي، جڏهن ته ڪورونا جي ڊيلٽا ويريئنٽ جي شديد لهر دوران اهو خدشو چنئوڻ تي ڏٺو ويو.

آمريڪا جي سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينٽس (سي ڊي سي) موجب اها تحقيقي رپورٽ 12 لک کان وڌيڪ ڪيسن جي جائزي کانپوءِ جوڙي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.