گھوٽڪي: علائقي واسين جو خانگي شگر ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج

گھوٽڪي ۾ نجي شگر مل پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گهوٽڪي ڀرسان قائم ايس جي ايم شگر مل پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ علائقي واسين سان زيادتيون ڪرڻ خلاف مومل جي ماڙي ۾ سياسي،  سماجي اڳواڻن ۽ بيروزگار نوجوانن پاران ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن محمد يوسف،ڪامريڊ لياقت بوزدار، ثناء الله ڀٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته علائقي ۾ شگر مل لڳڻ تي خوش ٿيا سين ته مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ علائقو ترقي ڪندو پر 10 سالن اندر نه ئي ڪنهن مقامي ماڻهن کي روزگار نه مليو ۽ نه وري ڪو ترقياتي ۽ فلاهي ڪم ڪرايو ويو، ڊي سي گھوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مقامي نوجوان کي روزگار فراهم ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.