تنگواڻي: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

تنگواڻي ۾ ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

تنگواڻي شھر جي مين بازار ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي  ڌرين جا 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ معشوق ، جمع ، گدو ، صدام نصيراڻي  ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين کي علاج لاءِ تنگواڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.