ملڪ ۾ اڄ سون ڪيترو سستو ٿيو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 800 رپيا لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 23 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 686 رپيا سستو ٿي هڪ لک 6 هزار 138 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 12 ڊالر لاٿ سان 1846 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.