راڻا شميم کان مراعتون واپس وٺڻ ۽ ڪارروائي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم کي جج طور ڏنل مراعتون واپس وٺڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني وئي آهي.

اسلام آباد جي وڪيل چوڌري محمد اڪرم ايڊووڪيٽ اها درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ قانون ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽرين، گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته راڻا شميم حلفي بيان ڏئي پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان جو ڪوڙو حلفي بيان نه رڳو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي بدنام ڪري رهيو آهي پر عدليا ۽ رياست خلاف ماڻهن ۾ نفرت به پيدا ڪري رهيو آهي.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته راڻا شميم کي جج طور ڏنل مراعتون واپس ورتيون وڃن ۽ قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايون وڃن، جڏهن ته گهرو وزارت کي راڻا شميم خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.