فواد چوڌري جي مهانگائي گهٽجڻ بابت نئين دعويٰ

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي.

جهلم ۾ وڻڪاري مهم سان خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته هوائي گدلاڻ سبب ساهه ۽ ڪينسر جي بيماري وڌي رهي آهي، سياري ۾ سڄو لاهور سموگ ۾ گم ٿي ويندو آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ ڪنهن ماحول تي ڌيان نه ڏنو، اسان اڄ ٻارن سان گڏجي 25 ايڪڙن تي ٻوٽا پوکينداسين، جيڪي ٻار ٻوٽو پوکين، ان سان گڏ پنهنجي نالي جي تختي لڳائين ۽ هر ٽن مهينن کانپوءِ اچي ڏسن ته ٻوٽو ڪيترو وڌيو آهي.

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته ايندڙ 6 مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.