عمران خان ڪافرن جو ايجنٽ ٿي سگهي ٿو عوام جو نمائندو نه: فضل الرحمان

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان ڪافرن جو ايجنٽ ٿي سگهي ٿو عوام جو نمائندو نه، ان کي مڙهيندڙ اجتماعي توبهه ڪن.

پشاور ۾ پي ڊي ايم جي ريلي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪومت هٿ ٺوڪي آهي، جنهن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن معيشت کي عالمي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو، روز جي بنياد تي مهانگائي وڌي رهي آهي، ماڻهو پنهنجا ٻار کپائڻ تي مجبور آهن.

هن چيو ته عمران خان ڪافرن جو ايجنٽ ٿي سگهي ٿو عوام جو نمائندو نه، عمران سياست جو غير ضروري عنصر آهي، جنهن کي قوم تي مڙهيو ويو، جن ماڻهن ان کي مڙهيو، اهي اجتماعي توبهه ڪن.

سندس چوڻ هو ته فوجي عدالت مان سزا ماڻيندڙ ڪلڀوشن جي آزادي لاءِ قانون سازي ڪئي وئي، حڪمرانن ڪشمير کي به کپائي ڇڏيو، اهي مديني جي رياست جي نعري پويان لڪڻ چاهين ٿا، اسان هاڻ توهان جو ڳلو پڪتو آهي، هن حڪومت خلاف بغاوت ڪيو، ڇو جو اهو ئي طريقو آهي.

فضل الرحمان چيو ته اسان ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوام جي اختيار جي ڳالهه ڪيون ٿا، فوج جهڙي اداري کي خود مختيار ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان جو مطالبو مڪاني نه عام چونڊون آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.