آريان جي جِند ڇُٽي وئي، بمبئي عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ممبئي هاءِ ڪورٽ باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ضمانت جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت آريان جي ضمانت جي حڪم سان گڏ 14 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) وٽ آريان ۽ ان جي ساٿين جي خلاف ڪي به ثبوت نه مليا آهن.

خيال رهي ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي سامونڊي ڪناري ويجهو هڪ ڪروز شپ تي ڇاپو هڻي منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ آريان خان ۽ ٻين ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.

 انکان اڳ بمبئي هاءِ ڪورٽ هڪ لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض آريان خان جي ضمانت منظور ڪئي هئي جنهن تي هو 26 ڏينهن جيل ۾ رهڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيو هو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اين سي بي طرفان اهڙو ڪو به ثبوت عدالت جي اڳيان پيش نه ڪيو ويو جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته سڀئي جوابدار غير قانوني ڪم ڪرڻ ۾ گڏيل نيٽورڪ رکندا آهن.

عدالت وڌيڪ چيو ته رڳو انڪري آريان ۽ ان جي دوست ارباز مرچنٽ ۽ مونمن ڌميچا هڪ ڪروز تي موجود هئا اهو پاڻ ان خلاف سازش جي الزام جو بنياد نٿو بڻجي سگهي.

بمبئي عدالت 14 صفحن تي ٻڌل رليز آرڊر ۾ اهو به چيو ته اين سي بي جاچ آفيسر جي ذريعي رڪارڊ ڪيل سڀني جوابدارن جا اعترافي بيان به ڀروسي جوڳا ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.