نوابشاهه: آبادگارن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج، ڌرڻو

نواب شاهه ۾ جھيمل شاخ جي پڇڙي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

آبادگارن اڳواڻن  علي نواز کوسو، علي مردان ، مريد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ھنن الزام هڻندي چيو ته پڇڙي جي ننڍن آبادگارن لاءِ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، گذريل ٻن مھينن کان زمينن کي پاڻي نه ملي سگهيو آهي جنھن ڪري اسان ھن وقت تائين ڪڻڪ جو فصل کاھي نه سگھيا آھيون.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض پنھنجي من پسند آبادگارن کي پاڻي ڏين ٿا جنھن جي ڪري اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته پنھنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو  وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.