ٽنڊوغلام حيدر: تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو زخمي

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت سخت زخمي ٿي پيو.

ٽنڊوغلام حيدر ويجهو فتح خان بس اسٽاپ وٽ حيدرآباد_بدين روڊ تي نامعلوم گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار ميرپورخاص واسي پورهيت هيرو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو،

اطلاع ملڻ تي متارو پوسٽ پوليس پهچي زخمي کي تعلقي اسپتال آندو ، جتان ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت  ۾ حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيوويو. جڏهن ته حادثي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.