ڀان سيدآباد: پوليس هٿان زخمي ڪيل نينگر جي وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

ڀان سيدآباد ۾ هڪ هفتو اڳ پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگر اسد راڌڻ جي وارثن پاران انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

زخمي نينگر اسد راڌڻ جي امڙ زرينا، ڀاء راجا، سجاد ، وقار راڌڻ  ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڀان پوليس موٽرسائيڪل نه روڪڻ تي سڌي فائرنگ ڪري نينگر کي زخمي ڪري اسان غريبن سان وڏو ظلم ڪيو آهي، کيس پيٽ مان رت اچي رهيو آهي پر علاج نه پيو ڪرايو وڃي.

هنن چيو ته پوليس نينگر کي زخمي ڪرڻ بعد ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ناانصافي ڪئي آهي،ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.