وزيراعظم جو سٽيزن پورٽل بي لاڀ، آفيسر جعلسازي ۾ ملوث نڪتا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جو انڪشاف ٿيو آهي.

جعلسازي تي آفيسرن خلاف ڪارروائين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي، پرفارمنس اينڊ ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) 254 سرڪاري آفيسرن جي ڊيش بورڊن تي جعلسازي تي انڪوائري رپورٽ تيار ڪئي، جنهن موجب عوامي شڪايتن تي ڪارروائي بابت غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.

رپورٽ موجب پنجاب جا 151، خيبر پختونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي، جن ۾ پنجاب جا 44، ڪي پي جا 39، سنڌ جا 3 سرڪاري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث نڪتا، جن کي معطل ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.