ايل اين جي ٽرمينل تي جهازن جي آمد گهٽ، گئس کوٽ وڌڻ جو خدشو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورٽ قاسم جي هڪ ايل اين جي ٽرمينل تي جهازن جي آمد ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي وئي.

ذريعن موجب ايل اين جي ٽرمينل کان 330 ملين مڪعب فٽ روز گئس جي وڏي گهٽتائي ٿي وئي آهي ۽ 4 ڏينهن کان ايل اين جي سپلاءِ گهٽ آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جنوري تائين جهازن جي آمد 50 سيڪڙو گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ماهوار 6 بدران 3 جهازن جي آمد سان گئس کوٽ وڌڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب گئس پورٽ ٽرمينل تي ايندڙ جهاز 25 نومبر تي ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.