”عورتن کي وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت بابت تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عورتن جي وراثت بابت فيصلو لکيو، جنهن ۾ مردن طرفان عورتن کي وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ کي نفرت جوڳو ۽ مڪروهه عمل قرار ڏنو ويو آهي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مردن جو عورتن کي شرعي حق کان محروم رکڻ مڪروهه عمل آهي ۽ عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي به ڀڃڪڙي آهي.

عدالت موجب فراڊ ۽ ٻين حربن سان عورتن کي شرعي وراثت کان محروم رکڻ عام آهي پر عورتن لاءِ وراثت کان محرومي تڪليف جو سبب بڻجي ٿي، ملڪ ۾ هر ڏينهن مرد وارث عورت وارث کي حق کان محروم ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.