عدالتون آزاد آهن، ڪنهن ۾ همت ناهي ته اسان کي روڪي: چيف جسٽس

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي ۽ ڪنهن جي همت ناهي ته اسان کي روڪي، اڄ تائين ڪنهن اداري جي ڳالهه ناهي ٻڌي ۽ نه دٻاءُ کنيو آهي.

لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو اهو تاثر درست ناهي ته عدالتون آزاد ناهن ۽ ادارن جي دٻاءَ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، اسان هڪ حلف جا پابند آهيون، مان ڪڏهن ڪنهن اداري جو اداري جو دٻاءُ نه کنيو ۽ نه ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي، مون کي نه ڪنهن گائيڊ ڪيو ۽ نه ڊڪٽيشن ورتي ته مان پنهنجو فيصلو ڪيئن لکان، مان ڪڏهن به ڪنهن جي چوڻ تي ڪو فيصلو نه ڪيو ۽ نه اڄ تائين ڪنهن کي جرئت ٿي آهي ته مون کي ڪجهه چئي.

هن چيو ته ڪنهن به ڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي، مان سدائين انصاف ۽ ضمير موجب فيصلا ڪيا، عدالت ڪنهن جي مرضي سان نه فيصلا ناهي ڪندي، اڄ تائين ڪنهن کي همت ناهي ٿي ته اسان کي روڪي، ماڻهو غلط فهميون پيدا نه ڪن، ڏڦيڙ پيدا نه ڪن ۽ ادارن تان اعتماد ختم نه ڪن، ٻڌايو ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي؟

سندس چوڻ هو ته سڀني عدالتن جا جج محنت سان ڪم ڪري عوام کي انصاف فراهم ڪري رهيا آهن، عدالتون بنا ڪنهن دٻاءَ جي ڪم ڪري رهيون آهن، پنهنجي فيصلن لاءِ ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺندس، منهنجي عدالت ماڻهن کي انصاف ڏيندي آهي، عدالتون انصاف ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهيون آهن ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن.

چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ملڪ ۾ انسانن جي نه قانون جي حڪمراني آهي، آئين، قانون ۽ جمهوريت جي حمايت ڪندا رهنداسين، ڪنهن به غير جمهوري سيٽ اپ کي قبول نه ڪنداسين، اسان عهدو ڇڏي ڏينداسين، اڳ به ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.