”وڃن سور سنڌا ڪيو“ غربت سان ويڙهه سيکاريندڙ آتم ڪٿا

تحرير؛محبوب عباسي

بالي ووڊ جي اداڪار مرحوم قادر خان پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو هيو ته جڏهن هو ڪابل کان ڀارت لڏ پلاڻ ڪري آيا تڏهن وٽن کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هيو ۽ هو مزدوريءَ تي هليو ويو، سندس امڙ مٿي تي رکيل تغاري لهرائي چيو ته تون پڙهه، غربت ته هونئن به مقدر ئي آهي وڃائڻ لاءِ ته باقي ڪجهه به ناهي بچيو تون پڙهه، سو قادر خان پڙهي جنهن منزل تي پهتو اڄ ان جو مثال ڪافي آهي،مون کي هڪ لحاظ کان محمد خان ابڙي جي زندگي به ڪجهه ائين ئي لڳي رهي آهي جڏهن هو  مزدوريءَ لاءِ ڳوٺ مان لڏ پلاڻ ڪري حيدرآباد آيو  ۽ شهر ڏسڻ نڪرندو هيو ته انگريزي لفظن ۾ تشهيري بورڊ ۽ مختلف اسٽور وغيره جي بورڊن تي ان جو نالو انگريزي نه اچڻ جي ڪري  پڙهي ۽ سمجهي ڪونه سگهندو هو تڏهن ٿڌو ساهه کڻي سوچيندو هيو ته ڪاش! اهي مان پڙهي سگهان ۽ ائين سوچيندي سوچيندي هو عزم ٿو ڪري وجهي ته هر حال ۾ پڙهندس.

زندگي جي ان تلخ حقيقت کي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شامل ڪرڻ، نئين نسل لاءِ ڪيڏي نه اتساهه جهڙي ڳالهه آهي، ڪيڏو نه عزم ۽ ارادا پختا ڪرڻ جو ارادو آهي، پاڻ تي لکڻ ۽ حقيقتن کي پڌري پٽ تي ان وقت رکڻ جڏهن هو ماڻهو غربت جي دائري مان نڪري ڪا شخصيت بڻجي وڃي ۽ ماضي کي نه وساري ۽ پنهنجي اصل سڃاڻپ کي ظاهر ڪرڻ ڪيڏي نه بهادري چئبي نه ته اڄ جا امير ۽ وڏين ڪرسين تي ويهڻ وارن اڪثر پنهنجي ماضي کي ورجائڻ عيب ئي سمجهيو آهي نه ته غربت سان جهيڙو ڪري خوشحال زندگي تائين پهچڻ هڪ جنگ ئي ته آهي، ڪامياب جنگ ۽ ان غربت ۽ بدحالي واري زندگي کي ياد رکڻ يا وري آتم ڪهاڻيءَ جو حصو بڻائڻ هڪ فخر ئي چئبو.

دنيا جي امير ترين شخص بل گيٽس چواڻي ته غريب ٿي ڄمڻ اوهان جي غلطي ناهي ، غريب ٿي مرڻ اوهان جي غلطي ضرور آهي، محمد خان ابڙي جي هن ڪتاب ”وڃن سور سنڌا ڪيو“  جي جيڪڏهن ون لائن ڪڍجي ته اهو ئي بل گيٽس جو قول سامهون اچي ويندو، جئين زندگي جا ڪشالا ڪاٽيندي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ چوي ٿو ته “برف فروشيءَ جي مزدوريءَ دورن پڙهائي ڪرڻ ۽ گهر جو سمورو ڪم ويندي ڪپڙن ڌوئڻ تائين مون کي پاڻ ئي ڪرڻو پوندو هيو“

زندگيءَ ۾ ٽي وقت ماني کائڻ ۽ پائڻ ته هر ڪو مينيج ڪري ٿو وڃي جانور به پنهنجي پيٽ گذر لاءِ وقت ٽپايون ٿو وڃي پر محمد خان پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين ڪاڻ به جيئڻ جا سبب بيان ڪيا آهن ، جيئڻ ته ان کي ئي چئبو آهي جو اوهان ٻين لاءِ به محسوس ٿيو، جئين هو لکي ٿو ته“  قوم لاءِ ڪيل گمناميءَ جي عالم ۾  پورهيو،  جن ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم جي مالڪي ڪرڻ، سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ سندن گهرن جي مالڪي ڏيارڻ ، شانتي نگر کان سچل ڳوٺ جي  تعمير تائين ۽ پوءِ لڳ ڀڳ 700 سنڌي آباديون وجود ۾ آيون جيڪي اسان جي محنت جي مثال کي سامهون رکندي ٺاهيون ويون“.

پڙهائي دوران احمد خان جي زندگي ۾ وڏيون رنڊڪون آيون پر انهن سان به هن مقابلو ڪري ڏيکاريو ، هو  لکي ٿو ته“ ظاهر آهي بک ۽ فاقن وري اچي اسان جي اڱڻ تي ديرا ڄمايا ۽ مان پڙهائي ڇڏي هوٽل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳس“ پر اها به هن جي ڪاميابي جي هڪ آزمائش هئي جئين ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

هم تو ڪيا هين وه فرشتون ڪو آزماتا هي،

بنا ڪر همين مٽاتا هي ڦر بناتا هي

آدمي ٽوٽ ڪي سئو بار جڙا هي يارو……

محمد خان به ڪيترائي ڀيرا ڊهندو رهيو ۽ وري ٺهندو رهيو پر  هن جا ارادا پڪا ۽ مضبوط ئي رهيا آهن اڄ هو جنهن منزل تي آهي ان جو سبب جدوجهد ۽ ڪڏهن به نه ٿڪجڻ وارو عزم ئي آهي هو ڪرندو رهيو پر پوءِ به وڌندو رهيو نيٺ وڃي پنهنجي منزل تي پهتو پر هو ان جستجو کي اڳتي وڌائيندي اڄ به ماضيءَ جيان جدوجهد مان هٿ ناهي ڪڍيو.

 محمد خان جي آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ان نوجوان نسل لاءِ هڪ اتساهه آهي جيڪو نوجوان نسل معاشي طور تي تنگ آهي ۽ غربت اڳيان هار مڃي محنت ۽ مزدوريءَ کي ئي پيٽ گذر جو ذريعو سمجهي تعليم ۽ ٻي جهدوجهد مان هٿ ڪڍي وڃي ٿو، انهن کي هي ڪتاب ۽ ان جهڙا ٻيا ڪتاب مطالعو ڪرڻ گهرجن ، محمد ان جي هن ڪتاب ۾ ان لکيڪن جي به رهنمائي ٿئي ٿي جيڪي پنهنجي تڪليفن واري زندگي گذاري ڪنهن منزل تي پهتا آهن ۽ ان کي ڪتابي شڪل ڏئي زندگي جي ان ڏکن ڏوجهرن کي بهادريءَ سان ڪاغذ تي لاهن  ته جئين نوجوان نسل اهڙي غربت ۽ بدحالي واري جنگ تعليم جهڙي هٿيار سان وڙهي سگهي، هي ڪتاب نوجوانن لاءِ املهه موتي ثابت ٿيندو .

 محمد خان ابڙي جي زندگي جي ڪامياب ۽ ناڪام تجربن کي اڳيان رکندي اهو سولائي سان چئي سگهجي ٿو ته زندگيءَ کي ڏکيو به اسان پاڻ ئي ٿا ڪريون ته سکيو به اسان جي هٿ ۾ ئي آهي.محمد خان پنهنجي ڪتاب جي نالي جي چونڊ به ان حوالي سان لاجواب ڪئي آهي “وڃن سور سنڌا ڪيو“

محمد خان جڏهن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ قومي تحريڪ ۾ شموليت شاگرد  يونين کان ڪندي ٻڌائي ٿو ته موجوده دور ۾ شاگرد يونين تي لاڳو بندش  جو ذڪر به لازمي ٿيڻ کپي ليکڪ جو ان منزل تي پهچڻ ۾ رڳو ان ڏکن ۽ سورن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو ئي نتيجو ناهي پر پنهنجي حقن کي سڃاڻڻ ۽ انهن لاءِ ويڙهه ڪرڻ جتي سياسي پليٽ فارم ڪم اچي ٿو اتي ٻي سگهه ڪم جي ناهي رهندي هو لکي ٿو ته“سنڌ يونيورسٽي، ايگري ڪلچر يونيورسٽي،لياقت ڪاليج ، مهراڻ يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ۾ ان وقت جيئي سنڌ فيڊريشن جو راڄ هوندوهيو  سو ننڍن شهرن مان پڙهي يونيورسٽي ۾ اچڻ  مهل ايڪٽو شاگرد جو جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيڻ مجبوري به هوندي هئي ۽ مزو به هوندو هو“.اهي ڳالهيون هاڻي ماضي بڻجي ويون موجوده وقت ۾ شاگرد يونين جي بحالي  لازمي آهي پڙهائي سان گڏ عملي جدوجهد به  لازمي آهي.

آتم ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهندي محمد خان لکي ٿو ته جڏهن اي جي اين قاضي  1986ع واري زماني ۾ گورنر هيو ته ان دوران هن کي  11هين  گريڊ ۾ کيس نوڪري ملي ان دوران پڙهيل لکيل ٻهراڙي جي نوجوانن کي موقعو ملندو رهيو ۽ ڪيترائي سنڌي نوجوان پڻ روزگار سان لڳا پر اي جي اين صاحب کان پوءِ غير سنڌي  گورنر آيا انهن سنڌي نوجوانن جي رستا روڪ ڪري ڇڏي، ليکڪ طرفان اهو سڀ شيون لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته هن وقت اسٽيٽ بئنڪ ۾ سنڌي ملازمن جي ڪوٽا لاءِ اوهان کي ڳالهائڻ گهرجي ۽ وڙهڻ گهرجي جنهن زماني ۾ آدمشماري به گهٽ هئي ملازم به گهٽ هئا ان وقت قاضي صاحب  6 سئو کان 7 سئو سنڌ جا نوجوان ڀرتي ڪيا اڄ ڪيترو انگ هجڻ گهرجي؟ اندازو پاڻ ئي لڳايو.

هڪ ڀيرو وري اهو ئي چوندس ته هي ڪتاب نوجوانن جي تربيت لاءِ  هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو، جتي ماضي جي سياست کان ويندي ٻين حقن يا جدوجهد جا دڳ ڏنل آهن اتي مايوس ۽ ناڪام نوجوانن لاءِ هڪ اتساهه پڻ، جيڪي ناڪامين کي لاڳيتو ڀوڳي ڀوڳي هٿيار ڦٽا ڪري ذهني بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا انهن لاءِ خود هي ڪتاب حوصلو ۽ هٿيار ئي ثابت ٿيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.