انتها پسندي سان مقابلو ڇو ممڪن ناهي ؟ `

حڪومت جي هڪ اهم وزير گذريل ڏينهن ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن . ڪنهن اڌ سچ جيان ڪيل انهن ڳالهين مان سوچيندڙ ۽ سمجهندڙ ماڻهون  باقي اڌ سچ کي خوب  سمجهي رهيو آهي. وفاقي وزير جي  انهن ڳالهين مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ڪهڙي صورتحال آهي.ٿورو غور ڪرڻ سان ماڻهون ان نتيجي تي پڻ پهچي سگهي ٿو ته  وس وارن گذريل مني صديءَ تائين هن ملڪ ۽ هن قوم سان ڪهڙي گيم کيڏندا رهيا آهن.

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رياست جي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ انتهاپسندي مان ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي، موقف پيش ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي جڏهن ته ان کي زبردستي مڙهڻ ڪنهن به طرح درست  نه آهي، اسان شدت پسندي سان دنيا کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، شدت پسندي هن وقت ٻيو وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڀارت کان ڪو خطرو نه آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيو ته  هٿيار بند جٿا قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ۽ رياست شدت پسندي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي،  پاڪستان صوفين جي سرزمين ۽ درگاهن جو مسڪن هو، هتي هڪ ٻئي کي مڃي هلڻ وارا ماڻهو هئا، ٽي سئو سال اڳ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ڏسو ته هتي مذهبي شدت پسندي ڪڏهن نه هئي. هن چيو ته ڪجهه سياسي سببن جي ڪري هتي اهڙو عنصر پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ان وڏي خطري ۾ وٺجي ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا استاد ڀرتي ٿيا جن انتهاپسندي کي فروغ ڏنو. هن چيو ته جيڪا رياست قانون جي عملداري نه ڪرائي سگهي، ان جي بقا تي  جلد سوال اٿن ٿا،  هن چيو ته ٽي ايل پي جي معاملي تي ۾ رياست کي پٺتي هٽڻو پيو، اسان پوليسنگ جو نظام به تباهه ۽ برباد ڪيو، حڪومتي رٽ ختم ٿيندي ته انتهاپسند حاوي ٿي ويندا، هن چيو ته اسان وٽ هڪ ئي نظريي کانسواءِ ٻي سوچ يا ڳالهه تي ڪفر جي فتويٰ لڳائي وڃي ٿي، قانون جي بالادستي نه ٿي ته انتهاپسند رياست کي ٽيڪ اوور ڪري سگهن ٿا.جاويد غامدي آمريڪا ۾ ويٺو آهي،

وفاقي وزير جون اهي ڳالهيون اسان سمورن خاص ڪري رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جي والي وارثن جي لا۽ ڳڻتي جوڳيون آهن.

وزير جيڪو ڪجهه بيان ڪيو آهي ان جو مطلب سڌي ريت اهو آهي ته انتهاپسندن جي ڀيٽ ۾ رياست جي رٽ قائم نه آهي، اها ڪنهن به طرح قبولڻ جهڙي ڳالهه ناهي ته سرڪار رٽ قائم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، اصل معاملو هي آهي ته سرڪار توڙي رياست جا موجوده اهم ٿنڀ خود اهڙي ئي سوچ جا حامي آهن جنهنڪري هڪ خاص نظريي رکندڙ ڌر کي ايڏي وڏي رعايت ڏني وئي آهي. اها ساڳي ئي رياست ٻين ڪيترين ئي ڌرين کي اهڙي نموني  جي رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هوندي.  وفاقي وزير اهو درست ٿو  چئي ته پاڪستان هڪ وڏي خطري ۾ ڦاسي ويو آهي، اسان جو عرض هي آهي ته رڳو اهي استاد نه هئا جن انتها پسنديءَ کي هٿي ڏني پر هڪ منطم رٿا تحت ملڪ ۾ اهڙي  فڪر ۽ نظرين جي پرچارڪ ڪئي وئي جنهنڪري اڄ ملڪ اهڙي مسئلي جي ور چڙهي ويو آهي. ان ۾ رياست جو سڌو هٿ رهيو آهي، ڪجهه اڪابرن جو چوڻ آهي ته  رياست ملڪ ۾ مدرسن جي ڄار وڇائڻ جي لاءِ ڌرين کي نه رڳو رعايتون ڏنيون پر ٻاهران پڻ انتهاپسندن کي هتي  گهرائي رهايو ۽ انهن کي منطم پڻ ڪيو.

رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ ۾ تعليم واري نصاب ۾ پڻ اهڙي مواد کي جاءِ ڏني جنهنڪري اسان ڪنهن سائنسي فڪر جي بجاءِ صرف عقيدي پرست پيدا ڪيا. جن اڳتي هلي وري اهڙي ئي شدت پسندي ۽ انتهاپسندي کي اڳيا ن وڌايو جنهن جو نتيجو اڄ سامهون اچي رهيو آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته تازو ، ٽي ايل پي واري مسئلي ۾ حڪومت کي پوئتي هٽڻو پيو، اهو ته موجوده سرڪار جو ئي ڏوهه آهي، موجوده پارٽي  اقتدار جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ اڳيان جهڪي پئي هئي جنهنڪري اڄ ان وٽ ڪا به اهڙي اخلاقي جرئت نه هئي جو اها سامهون ٿي سگهي سنڌي ۾ ان پس منظر ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب. “

وفاقي وزير جي اها ڳالهه به درست آهي ته ، جي قانون جي عملداري نه رهي ته جٿا قابض ٿي ويندا. هاڻي اها ڳالهه باقي سموري دنيا کي ته سمجهه ۾ اچي وئي اهي پر وفاقي وزير صاحب کي اها ڳالهه اسان جي حڪومت، رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ  کي سمجهائڻ گهرجي.جيڪي ئي هن وقت فيصلي ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي پوزيشن ۾آهن.

اسان سڀني کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسين هڪ نئين دور ۾ ، ميڊيا جي دور ۾ رهون پيا ۽ هي دور دنيا سان گڏجي هلڻ جو دور آهي اسان مان ڪو به اهو نه سمجهي ته اسين ڪنهن اهڙي ٻيٽ تي رهون ٿا جتي  اهڙن صديون پراڻن ،مدي خارج خيالن ۽ نظرين سان هلي سگهجي ٿو.جنهنڪري اڄ سموري دنيا سان گڏجي انهن سان هم اهنگي پيدا ڪري هلڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي پاڻ  ۽ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ مسئلا ئي پيدا ڪنداسين.

اهو درست آهي ته هر ڪنهن کي اهو حق آهي ته اهو پنهجي ڳالهه پيش ڪري پر جي لٺ ۽ بندوق کڻي اڄ ڪو پنهنجا مطالبا قبول ڪرائي رهيو اهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو به اهڙو ئي ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن اهڙو لاڙو اڳتي وڌي ويو ته پوءَ اسان انارڪي واري طرف هليا وينداسين ۽ پنهنجي اڻڄاڻائي جي ڪري اسان هن سماج کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏينداسين جنهن مان نڪرڻ جي لاءِ وري هڪ زمانو لڳندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.