حڪومت ھٿان يرغمال بڻيل اپوزيشن!

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

حقيقت ۾ جڏهن کان وٺي تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي ته اپوزيشن پارٽين اندر اختلاف راءِ رھڻ يان اپوزيشن پارٽين ۾ ڏينھون ڏينهن ويڇا وڌي رهيا آهن ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اپوزيشن، حڪومت اڳيان بيوس بڻيل نظر اچي ٿي.

 گذريل ٽن سالن ۾ ايوان اندر توڙي ٻاهر حڪومت پاران ملڪي سطح تي اپوزيشن کي شڪست ڏيندي پئي اچي پوءِ اھو مقابلو سينيٽ چئرمين شپ جو ھجي يان وري حڪومت خلاف لانگ مارچ ڌرڻن مظاھرن واري موسم ھجي جتي ڪٿي حڪومت اپوزيشن کي ملهھ ماريندي پئي اچي ۽ اھڙي طرح ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت طرفان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرايو ويو جتي اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ سخت مقابلو ڏسڻ ۾ آيو شايد ٽن سالن ۾ پھريون دفعو ھو جو ڪو به اسيمبلي ميمبر غير حاضر نه رھيو اجلاس دوران حڪومت جي ڏاھپ سان يا سينا زوريءَ سان سڄي اجلاس ۾ حڪومت اپوزيشن مٿان حاوي رهي، ھن حڪومت ۾ ھي پھريون دفعو ھو جو ايوان جي اندر پڻ سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. اجلاس دوران حڪومت طرفان تڪڙ تڪڙ ۾ ڪافي بل پاس ڪرايا ائين پئي لڳو ته حڪومت، اپوزيشن کي يرغمال بڻائي يان لوندڙي تي پستول رکي سڀ ڪم ڪرائي رھي آھي جنھن دوران اپوزيشن جي ھڪ ڳالھه نه ٻڌي وئي ايئن ٿوري وقت ۾ صرف ھڪ ڪلاڪ دوران سڀ کان گھڻا 33 بل پاس ڪرايا ويا بل پاس ڪرائڻ تي کليل طريقي سان نه بحث ٿيو نه وري اپوزيشن پارٽين کان تجويزون ورتيون ويون وڏي ڳالھه ته ايوان مان بل منظور ڪرائڻ لاءِ ميمبرن جي ڳڻپ به نه ڪرائي وئي بس حڪومت کي الائي ڇا ٿي ويو الائي ڪھڙي تڪڙ ھئي جو ايمرجنسي ۾ سڀ ڪجهھ ڪيو ويو مطلب ته قانون کي لتاڙي پارليامينٽ جي عزت وقار کي مجروح ڪري حڪومت سڀ ڪجهھ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري بل پاس ڪرائڻ سان گڏ اپوزيشن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو گھڻن بل پاس ڪرائڻ سان گڏ ھڪ بل پاس ڪرايو ويو آهي جنهن کي وساري صرف ھڪ ووٽنگ مشين بل جي گھڻي واويلا شور شرابو ڪيو پئي ويو. پر ھن بل جي اصل حقيقت کان عوام اڻواقف آهي ته ان بل پاس سان ڪھڙو فائدو ڪھڙو نقصان ٿيندو عام ماڻهو انھن ڳالھهين کان اڻواقف آهن.

حڪومت جو موقف آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي کي روڪي سگھجي ٿو پر افسوس ته جنھن اليڪشن جي طريقيڪار کي خود اليڪشن ڪميشن رد ڪري ڇڏي ته ان کي ايوانن مان منظور ڪرائڻ ئي وڏي ڌانڌلي آهي ڇو ته سڀاڻي ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ پارليامينٽ جو ڪم نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي جيڪڏهن توهان اليڪشن ڪميشن کي مطمئن نه ڪري ان خلاف زبردستي قانون پاس ڪندا ته سوال ته اٿندا.

ٻئي پاسي اپوزيشن جو موقف آهي ته ايندڙ اليڪشن کي چوري ڪرڻ لاءِ ھينئر کان تياري ٿي رهي آهي پ پ پ ۽  نواز ليگ طرفان ھينئر کان وٺي ايندڙ اليڪشن کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته جنهن قانون ۾ اليڪشن ڪميشن سان گڏ اپوزيشن ناخوش ھجي مطمئن نه ھجي ته حڪومت کي ڪھڙي ضرورت ھئي جو ڪنھن سان صلاح مشوري کان سواءِ اھڙو قانون پاس ڪرايو ويو حقيقت ۾ اھو زبردستي وارو ڪم جمھوريت ۾ نه پر آمريت ۾ ٿيندو رھندو آھي. ھاڻي خبر ناهي ته ھيءَ جمھوريت ھلي رھي آھي يا ڪنھن آمر جي آمريت جو دور ھلي رھيو آھي جو اپوزيشن کي يرغمال بڻائي حڪومت پنهنجا من پسند بل پاس ڪرائي قانون جي لتاڙ ڪئي وئي ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.