تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ ميرٽ جي لتاڙ نه ڪئي آهي: سردار شاهه

ڪراچي: تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار علي شاهه عارف مصطفيٰ جتوئي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته آئي بي اي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو پيو وڃي اهو تاثر غلط آهي ته ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي،  ٿرپارڪر ۽ ٻين  ھارڊ ايرياز ۾ پاسنگ مارڪون 33 سيڪڙو ڪرڻ باوجود اڃا به سيٽون رهجي وينديون، هن چيو ته استادن جي ڀرتين لاءِ ميرٽ کي مٿي رکيو، سيڪريٽري تعليم جو ٻار به امتحان ۾ فيل ٿيو آهي،  مارڪون گهٽائڻ سان اسان تي آڱريون کنيون ويون آهن، هن چيو ته نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀرتيون استادن جون آهن، هر سال هزارين سيٽون خالي ٿين ٿيون، جيڪڏهن ڀرتيون نه ڪنداسين ته نوجوان ٻئي طرف نڪري ويندا، هن چيو ته اسان اقليتن ۽ عورتن لاءِ خاص سيٽون رکيون آهن، گرلز اسڪول ڳوٺن ۾ نه پيا هلن، هارڊ ايرياز ۾ 40 ڪلوميٽرن تي اسڪول آهي، اڇڙي ٿر ۾ مواصلات جو وڏو مسئلو آهي، ان ڪري هارڊ ايرياز ۾ 43 سيڪڙو کي 33 سيڪڙو مارڪون پاس لاءِ رکيون آهن. هن چيو ته استادن کي يوسي ليول تي ڀرتي ڪنداسين جيڪڏهن هڪ يوسي ۾ اميدوار وڌي ويا ته پاس ٿيل کي پاسي واري يوسي ۾ مقرر ڪنداسين.جماعت اسلامي جي سيد عبدالرشيد جي سنڌ ۾ ترقياتي فنڊن بابت آگاهي ڏيڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي مڪاني ادارن بابت پارلياماني سيڪريٽري سليم بلوچ چيو ته مڪاني ادارن ڊي ايم سيز کي ڪي به فنڊ نه ڏنا آهن، نه ئي وري ڪا اسپيشل گرانٽ ڏني آهي، چيئرمينن جيڪي ٽينڊر ڏنا هئا، انهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پ پ جي جهنڊي سان تڪليف آهي ته جتي به ترقياتي ڪم ٿيندو، اتي پ پ جو جهنڊو ضرور هوندو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.