چيف سيڪريٽري پاران اطلاعات کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري اطلاعات کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ سان سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي چيف سيڪريٽري سنڌ کي بريفنگ ڏيندي کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ ۽ ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي ۽ مختلف کاتن ڏانهن رهتن بابت ڳالھ ٻولھه ڪئي، جڏهن ته نئين ايڊورٽائزمينٽ پاليسي جي حوالي سان به آگاھي فراهم ڪئي. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي چيف سيڪريٽري سنڌ کي ميڊيا هائوسز پيمرا ۽ سيڪريٽري اطلاعات پنجاب سان ٿيل ملاقات جي حوالي سان ٻڌايو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ اطلاعات کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي سيڪريٽري سروسز کي هدايت به جاري ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.