شهيد الطاف جسڪاڻي جو خون رائيگان نه ويندو: ڊاڪٽر قادر مگسي

ٽنڊوالهيار (پ ر) ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته شهيد الطاف جسڪاڻي جو خون رائيگان نه ويندو، قاتل سلاخن پويان آھن، قاتل ضرور ڦاسي چڙهندا، هڪ ڏينهن ضرور انصاف ٿيندو، ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي پهرين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته الطاف جسڪاڻي هميشه مسڪين غريب ماڻھن جو ڀرجهلو رهيو، هر وقت قومي تحريڪن ۾ اڳئين صف ۾ رهيو، هن چيو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ ايس ٽي پي جي ميڊيا ٽرائيل ٿي رهي آھي، هي پارٽي جي آبياري شهيدن جي رت سان ٿي رهي آھي، هن چيو ته اسان قومي طور تي منشر ٿيل آھيون اسان کي اتحاد جي ضرورت آھي.هن چيو ته جاگيردار ۽ سردار فرعون بڻجي ويا آھن، ناظم جوکيو ۽ فهميدا سيال جي قتل سردارن جو مڪروھ چهرو واضح ڪري ڇڏيو آھي، ورسي تقريب کي شهيد الطاف جسڪاڻي جي نياڻي وينجهار جسڪاڻي، گلزار سومرو، روشن ٻرڙو، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، ذيشان جسڪاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.