وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ کي نظرانداز ڪيوپيو وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نادان حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏئي ڇڏيو پر پاڪستانين کان اهو حق کسي ورتو آهي، وفاقي حڪومت هر ڳالهه ۾ هميشه غلط بياني ڪري ٿي، هن وقت ملڪ بحرانن جو شڪار آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عام ماڻهو کان وٺي هر فرد سراپا احتجاج آهي، صنعتڪار پريشان آهن ڇو ته انهن کي گئس نه ملي رهي آهي ۽ ٻئي طرف نيازي صاحب صرف پنهنجي اي ٽي ايمز کي فائدو رسائي رهيو آهي. مرتضيٰ وهاب توانائي بابت دستاويز ڏيکاريندي چيو ته وفاق پاران جاري ڪيل دستاويزن مطابق سنڌ 64 سيڪڙو گيس پيدا ڪئي جڏهن ته 22 سيڪڙو بلوچستان، 11 سيڪڙو ڪي پي ڪي ۽ 3 سيڪڙو پنجاب گيس پيدا ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي اثاثن تي به سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جون صنعتون ۽ ٽرانسپورٽرز گيس کان محروم آهن جنهن جي نتيجي ۾ بيروزگاري وڌندي. اهي نااهل ماڻهو گيس بحران جو ذميوار به بلاول ڀٽو کي قرار ڏين. هلندڙ سال به سنڌ گيس وڌيڪ پيدا ڪئي آهي. هن چيو ته قانون موجب وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبي کي وڌيڪ گيس ملندي. هن چيو ته موجوده حڪمرانن جي ترجيح عوام نه پر پنهنجا اي ٽي ايمز ۽ اشرافيه آهي. مان انهن کي ڪجهه شرم ڏيارڻ چاهيان ٿو، ڳالهين ۾ نه عمل ۾ لائق بڻجو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.