عمران جي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو، جيالا کيس گهر ۾ گهڙي شڪست ڏيندا: بلاول

نوشهرا ( م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هاڻي توهان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي. پيپلزپارٽي جا جيالا هاڻي توهان جي گهر ۾ گهڙي توهان کي سياسي شڪست ڏيندا. اهڙو اظهار هن ڪي پي جي شهر نوشهره ۾ جلسي کي خطاب دوران ڪيو . بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي 60 نقاطي ايجنڊا ۾ ڪو هڪ نقطو به مهانگائي جي خاتمي لاءِ نه هو. پارليامينٽ مان عوام جي ڀلائي لاءِ مهانگائي يا بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪنهن هڪ پاليسي جي به منظوري نه ڏئي وئي. عمران خان رڳو عوام جي پيٽ، حقن ۽ ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي.نوشهرا جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا توهان کي تبديلي پسند آئي؟ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ عوام جا حق ضبط ڪيا پيا وڃن اها تبديلي نه پر تباهي آهي.هن چيو ته عمران خان نوجوانن سان واعدو ڪيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، ڇا عمران خان نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون؟ هن حڪومت ۾لکين ماڻهن کان روزگار کَسيو ويو، هيءَ حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران انهن کان روزگار کَسي رهي آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته هاڻي پيپلزپارٽي جو دور آهي ۽ عمران خان کي وارننگ ٿو ڏيان ته تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي ۽ هاڻي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. پيپلزپارٽي جا جيالا توهان جي گهر ۾ گهڙي سياسي شڪست ڏيندا. بلاول چيو ته ڪارڪن ڪي پي ۾ هر ان ماڻهوءَ وٽ پهچن جيڪو جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ٿو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.