دودو ڀيل جي خون سودو، ٺاهه ٿي ويو، هڪ ڪروڙ روڪ ۽ 7 نوڪريون ملنديون

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ٿر ڪول ايريا بلاڪ ٽو ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سيڪورٽي گارڊن جي تشدد وگهي قتل ٿيل پورهيت دودو ڀيل جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن ڪاشف ڪمانڊو ۽ حظيفا ملڪ سان مقتول جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي عالم چند ڀيل پاران ڳجهي ڊيل ذريعي ٺاھ ڪرڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ جي معاهدي جو انڪشاف ٿيو آھي، اهڙو انڪشاف ان وقت سامهون آيو جڏهن ڪالھه جمع ڏينهن جوابدارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ضمانت لاءِ ڏنل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران فريادي عالم ڀيل پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ وسند ٿري سان گڏ عدالت ۾ پهچي ”نو آبجيڪشن“ جي درخواست ڏني، جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو فريادي کان پڇيو ته توهان جي وچم ڪمپرومائيز ٿيو آھي ڇا؟ جنهن تي فريادي اعتراف ڪيو ته ها اسان وچ ۾ ٺاھ ٿي رهيو آھي، جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته جيڪنڏهن توهان جي وچ ۾ ٺاھ ٿي ويو آھي ته ضمانت جي درخواست تي نوآبجيڪشن جي درخواست ڏيڻ بدران سڌو وڃي هيٺين لاڳاپيل ڪورٽ ۾ ٺاھ جي درخواست ڏيو ۽ ڪيس پراپر چئنل تان ختم ڪرايو، عدالت جي هدايت بعد جوابدار ڪاشف ڪمانڊو ۽ حظيفا ملڪ پنهنجي داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست تان دستبردار ٿي ويا، جنهن بعد دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ ٺاھ وارو معاملو سوشل ميڊيا تي وڏي بحث جو موضوع بڻجي ويو آھي، جڏهن ته هاءِ پروفائل ڪيس جي جوابدارن سان ٺاھ کانپوءِ سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين سوشل ميڊيا تي سخت رد عمل ڏيکاريو آھي ۽ سوشل ميڊيا تي ڀيل برادري جي ذميوار اڳواڻن انڪشاف ڪيو آھي ته مقتول دودو ڀيل جي ڀاءَ فريادي عالم قتل ڪيس جي مُک جوابدارن ڪمانڊو ڪاشف ۽ حظيفا ملڪ سان هڪ ڪروڙ روپيا روڪ ۽ 7 نوڪرين عيوض ٺاھ ڪري ڇڏيو آھي، جنهن مان فريادي کي 20 لک روپين جو چيڪ اڄ ملي ويو، جنهن بعد فريادي ڪيس تان هٿ کڻڻ جو معاهدو ڪيو، ذريعن موجب جوابدارن سان فريادي ڌر سان ٺاھ ڪرائڻ يعني خون جو سودو ڪرائڻ ۾ ڀيل برادري جي سرگرم پي ٽي آءِ ۽ ڀيل برادري جي اهم اڳواڻ ڪردار ادا ڪيو، هوڏانهن دودو ڀيل قتل ڪيس جي مک رضاڪار وڪيل ايڊووڪيٽ وسند ٿري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول ڌر سان جوابدار ڌر جون ٺاھ لاءِ پهرين ڏينهن کان ڳالهيون ۽ ڪوششن جاري هيون پر اڃان تائين ڪيس تان هٿ کڻڻ جي درخواست نه ڏني آھي، هن چيو ته ڪيس تان هٿ کڻڻ يا ٺاھ جي نوعيت آئي ته ضرور توهانکي آگاھ ڪيو ويندو، هن چيو ته فريادي اڪيلي سر ٺاھ نٿو ڪري سگهي باقي سڄو خاندان راضي هوندو ۽ کين ڪو فائدو مليو ته ٺاھ ڪري سگهي ٿو، ڌرين وچ ۾  ٺاھ ٿيڻ وڃي رهيو آھي فريادي عدالت ۾ ٺاھ لاءِ ڳالهيون هلندڙ هئڻ جو ذڪر ڪيو آھي، جنهن تي عدالت لاڳاپيل ڪورٽ ۾ اهڙي درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ جوابدارن ضمانت واري درخواست تان هٿ کنيو آھي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ساڳي ڪيس جي هڪ وڌيڪ وڪيل ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس ڀيل رابطو ڪرڻ تي چيو ته آئون به ساڳي ڪيس ۾ وڪيل آھيان جڏهن ڌرين وچ ۾ ٺاھ ٿيڻ جي فريادي ڳالھه ڪئي ته آئون عدالت ۾ اپيئر ئي نه ٿيس ۽ وڪيل وسند ٿري پيش ٿيو، هن چيو ته عدالت ۾ فريادي عالم ڀيل پنهنجي وڪيل معرفت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نوآبجيڪشن جي درخواست ڏني، انڪري اسان ڪيس کان سائيڊ ٿي ويا آھيون، آئون اهڙي هاءِ پروفائل ڪيس جي جوابدارن سان ٺاھ وارين ڳالهين جو حصو نه ٿيندس اگر هو ٺاهه ڪن ٿا ته اسان سائيڊ ٿي ويا آھيون، هن چيو ته جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نو آبجيڪشن ڏيڻ ۽ جوابدارن پاران ضمانت واري درخواست تان هٿ کڻي لاڳاپيل ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ئي ڌرين وچم اندروني ٺاھ جي تصديق آھي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ ۽ ڀيل برادري جي اڳواڻ وڪيل لجپت سوراڻي رابطو ڪرڻ تي چيو ته دودو ڀيل جي قاتلن سان ٺاھ بابت اسان خلاف پروپئگنڊا سياسي مخالفن جي سازش آھي، اسان ڄاڻايل ڪيس جي جوابدارن ۽ فريادي ڌر وچ ۾ ڪو به ٺاھ نه ڪرايو آھي، اهڙين ڳالهين ۾ ڪابه صداقت ناهي، هن چيو ته اسان دودو ڀيل جي خون سان انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي، ۽ تشدد توڙي جيلون ڪاٽيون اهو اسانجو اخلاقي فرض ھو پر جيڪڏهن مقتول جا وارث ۽ فريادي ڀاءُ عالم چند قاتلن سان ٺاھ ڪري رهيا آھن ته اهو انهن جو فيصلو آھي، اسان قطئي قاتلن سان ٺاھ جي حق ۾ ناهيون ۽ اسان اهڙي ٺاھ جي مذمت ڪريون ٿا.

  • اسان چيو ته هڪ ڪروڙ روپيا ايڊوانس ۾ ڏيو: عالم ڀيل

مٺي: مقتول دودي ڀيل جي ڀاءُ عالم ڀيل ٺاھ وارين ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي، قتل ڪيس جي فريادي عالم ڀيل چيو ته اسان سان مخالف ڌر پاران هڪ ڏينهن ٺاھ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي،ڳالهيون اڃان هلي رهيون آهن، اسان کي چيو ويو آهي ته توهان ٺاھ ڪريو ته توهان کي جوابدارن پاران هڪ ڪروڙ روپيه روڪ ۽ ڪمپني پاران دودي جي گهر واري کي تاحيات پگهار، ٻارن جي پڙهائي جو يونيورسٽي تائين خرچ ۽ پنج نوڪريون ڏنيون وينديون، ان لاءِ پهرين 30 لک ڏنا ويندا، باقي رقم بعد ۾ ڏيندا پر اسان چيو آهي ته پهرين هڪ ڪروڙ روپيه ايڊوانس ۾ ڏيو جنهن بعد اسان ڪيس تان هٿ کڻنداسين، انهي تي هنن ٻه ٽي ڏينهن جي مهلت گهري آهي، هن چيو ته مون کي اڃان تائين جوابدار ڌر جي پاران ڪابه رقم نه ملي آهي، باقي ڳالهيون هلن پيون جيڪي هڪ ٻه ڏينهن ۾ فائنل ٿي وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.