پارليامينٽ اجلاس ۾ دوکي سان بل منظور ڪرايا: سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران هڪ درجن بل غلط ڳڻپ ۽ پاڪستانين کي دوکو ڏئي منظور ڪرايا ويا، سنڌ جي آدمشماري جو ڪيس به پي ٽي آئي ۽ ان جي اتحادين بلڊوز ڪري سنڌ جي عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته گذريل ڏينهن جوائنٽ سيشن دوران آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙيا ويا،  ۽ چند منٽن ۾ بلز منظور ڪري موجوده سليڪٽيڊ حڪمرانن ۽ ان جي اتحادين ثابت ڪيو ته هو ڪلڀوشن جهڙي ملڪ دشمن کي به اين آر او ڏئي سگھن ٿا۽ سنڌ صوبي جي 6 ڪروڙ عوام جي حقن تي مردمشماري جي باري ۾ ڌاڙو هڻڻو هجي ته اهو به پي ٽِي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتون ڪري سگھن ٿيون. .جيڪڏهن صوبي کي گھربل 22 مان 12 اهڙن آفيسرن جو بغير ڪنهن مشوري جي بدلي وفاق ڪندو آهي ته ان جو واضع مقصد آهي ته وفاق صوبي ۾ گورننس ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.