وياج شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو واڌ، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ مهانگائي اندازي کان وڌيڪ وڌي: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي ( رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو واڌ  ڪئي آهي جڏهن ته مهانگائي وڌڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسٽيٽ بينڪ سود جي شرح ۾ 150بيس پوائنٽس جو اضافو ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي اجلاس ۾ وياج جي شرح وڌائي 8.75 سيڪڙو ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل اجلاس کان وٺي ادائيگين ۽ مهانگائي جو توازن بگڙي ويو آهي ۽ اهو توازن مقامي ۽ عالمي عنصرن جي ڪري وڌي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته درآمدي قيمتن ۾ اضافو توقع کان وڌيڪ مهانگائي کي وڌائي رهيو آهي جڏهن ته معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي.  اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسٽيٽ بينڪ سود جي شرح ۾ 150 بيس پوائنٽس جو اضافو ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي اجلاس ۾ وياج جي شرح وڌائي 8.75 سيڪڙو ڪئي وئي . اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل اجلاس کان وٺي ادائيگين ۽ مهانگائي جو توازن بگڙي ويو آهي ۽ اهو توازن مقامي ۽ عالمي عنصرن جي ڪري وڌي رهيو آهي. دنيا ۾ ڪورونا دوران پهچ ۾ رنڊڪ سبب قيمتن تي دٻاءُ  آهي، توانائي جا اگهه اندازي کان وڌيڪ وڌي رهيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته درآمدي قيمتن ۾ اضافو توقع کان وڌيڪ مهانگائي کي وڌائي رهيو آهي جڏهن ته معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.