ڪنڊياري ڀرسان عورت ڪارنهن جي تهمت هڻي قتل، مڙس ڀڄي ويو، 2 شڪي سوگها

ڪنڊياري(ن ع آ) ڪنڊياري ٿاڻي جي حد ڳوٺ مريد وساڻ ۾ 35 ورهين جي ناري امام زادي جو لاش گهر مان ھٿ آيو، عورت جي پراسرار موت بعد سندس مڙس حاجي پوڙهو بوزدار فرار ٿي ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ڪنڊياري پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، پوليس موجب عورت کي رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌان استعمال ٿيل رپيٽر به هٿ ڪيو ويو آهي، عورت جي مڙس حاجي پوڙهو بوزدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويندا، علائقي ۾ اِهي پڻ چئوٻول هلي رهيا آهن ته عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، پوليس ٻن شڪي ماڻهن کي جاچ جي سلسلي ۾ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جن جا نالا راز ۾ رکي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آھي، ياد رهي گذريل ڪجھه مهينن ۾ ڪنڊياري جي ڀرپاسي ۾ چئن عورتن کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي قتل ڪيون ويو  آهي، جن ۾ حڪيما مڱريو ڳوٺ يعقوب مڱريو،گُل زادي ڌي خيرمحمد سولنگي ڳوٺ ٽوھ سولنگي، نواب زادي زال انور ڪنڊاڻي ڳوٺ الله وڌايو ڪيريو جنهن کي سندس سهري فيض محمد ڪنڊاڻي قتل ڪيو جيڪو سينٽر جيل سانگهڙ ۾ فوت ٿي ويو ، جنهن جي جاچ ۾ پوليس سراسر ناڪام وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.