گهٽ آمدني وارن جي مدد ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪنهن حڪومت به گهٽ آمدني واري ماڻهن جيمدد نه ڪئي، اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح گهٽ آمدني واري ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي. اسلام آباد ۾ فراش ٽائون اپارٽمينٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڪنهن حڪومت به گهٽ آمدني واري ماڻهن جيمدد نه ڪئي، نه ئي بينڪن مان گهرن جي اڏاوتن لاءِ قرض کڻڻ تي ڪنهن غور ڪيو، امير ماڻهو ته سولائي سان گهر اڏي سگهن ٿا پر غريب ماڻهن جي لاءِ گهر ٺاهڻ وڏو مسئلو هوندو آهي. هن چيو ته اسان ٻن لڳايا ۽ بينڪن کي قرض ڏيڻ تي راضي ڪيو، هاڻي غريب طبقو به گهر ٺاهي سگهي ٿو، بينڪن پهريون ڀيرو گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.