پوليس وردي پاتل ڦورن پاران 17 سالن بعد آمريڪا مان واپس آيل خاندان کان ڦر

ڪراچي ( رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ پوليس جي وردي پهريل ڏوهارين آمريڪا مان واپس آيل خاندان کان ساڍا 7 هزار ڊالر  روڪ،5 تولا سونا زيور، ليپ ٽاپ، 2 آءِ فون 13 ۽ ٻيو ايس 6  اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ 4 عدد ماسٽر ڪارڊ  ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جا سي سي ٽي وي ڦوٽيجز ھٿ، تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 5 سر سيد يونيورسٽي جي ويجهو آمريڪا کان 17 سالن بعد وطن واپس آيل هڪ خاندان کي پوليس جي وردي پهريل ڦورن کين چيڪنگ بهاني روڪيو، ڦورون متاثر خاندان کي چيو ته توهان ڪٿان اچي رهيا آهيو تنهن تي متاثر ڌر انهن کي چيو ته اسان ايئرپورٽ تان اچي رهيا آهيون هڪ ڦورو کين چيو ته صاحب گاڏي ۾ ويٺو آهي پاسپورٽ چيڪ ڪرايو، گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي ويٺل پوليس وردي پهريل هڪ ڄڻي پاڻ کي پوليس آفيسر ظاهر ڪيو ۽ هڪ عورت کي سڏ ڪيو، اها جيئن ئي گاڏي مان ٻاهر نڪتي ته پوليس جي وردي پهريل ڦورو کائنس بيگ کسي ورتو، جنهن ۾ قيمتي سامان موجود هيو جوابدارن جو تعداد 5 ٻڌايو پيو وڃي جن وٽ هونڊا سٽي ڪار ATM 706 ۾ سوار هيا واردات کانپوءِ ڦورو فرار ٿي ويا واقعي جو ڪيس گلشن اقبال ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، واقعي جا سي سي ٽي وي ڦوٽيجز ھٿ اچڻ باوجود  پوليس اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.