لاهور ۾ سموگ ڊينگي ۽ ڪورونا کان وڏو مسئلو قرار

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آلودگي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف ٽريفڪ آفيسر (سي ٽي او) منتظر مهدي عدالت کي ٻڌايو ته لاهور ۾ ڊينگي ۽ ڪورونا کان به وڏو مسئلو سموگ آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم آلودگي بابت هارون فاروق ۽ شيراز ذڪا جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏنا ته اڄ تمام گهڻي سموگ آهي پر ماحوليات وارو وزير نه مڃيو. ٻڌڻي دوران سي ٽي او (لاهور) منتظر مهدي عدالت کي ٻڌايو ته گلاب ديوي انڊر پاس ٿيڻ سبب والٽن روڊ تي ٽريفڪ وڌي وئي ۽ روڊ تي کڏا پئجي ويا جنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي. هن عدالت کي ٻڌايو ته حددخلين کي روڪڻ لاءِ مختلف کاتن کي 93 خط لکيا پر ڪجهه نه ٿيو. سي ٽي او سفارش ڪئي ته ٻن اسٽروڪ گاڏين تي پابندي لڳائي وڃي جيڪي تمام گهڻو دونھون خارج ڪن ٿيون. هن سموگ کي ڊينگي ۽ ڪووڊ کان به وڏو مسئلو قرار ڏنو، جنهن تي جسٽس شاهد ڪريم چيو ته سموگ تي فوري ايڪشن سان گڏو گڏ فوري قدم کڻڻا پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.