ووٽنگ مشين بابت سڀ اعتراض ختم ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا سڀ اعتراض ختم ٿي چڪا آهن. خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اين اي 133 ۽ ٻين ضمني اليڪشن ۾ اسان کي گهرجي ته اِي وي ايم جو استعمال ڪيون.هن چيو ته پارليامينٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي، ايندڙ چونڊون اِي وي ايم تي ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي تياري ڪري، ڏکيائيون ختم ڪيون وينديون. وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جا سڀ خدشا ختم ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن ڪو ٻيو به اعتراض آهي ته ختم ڪنداسين.03

  • عوامي ڪالوني ڀرسان ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، متاثرن احتجاج، پوليس تي الزام

ڪراچي (رپورٽر) عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ ملير ندي ڀرسان قائم بينظير ڪالوني ۾ پوليس مبينا طور بااثرن سان ملي ڀڳت ڪري بنا ڪنهن نوٽيس جي ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، اوچتي ڪارروائي سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گهرن جو سامان به ٻاهر ڪڍي نه سگهيا، جنهن بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، متاثر ٿيلن عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ علي گوهر ڪوري، مولا بخش ڪوري، برڪت جمالي، حاڪم بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته عوامي ڪالوني ٿاڻي جي پوليس بااثرن جي چرچ تي چڙهائي ڪري بنا ڪنهن نوٽيس جي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب هُو گذريل ٽن ڏينهن کان کليل آسمان هيٺ ويٺا آهن پر ڪنهن به سندن واهر نه ڪئي آهي نه ئي وري ڪو چونڊيل نمائندو وٽن لڙي آيو آهي، هنن اعليٰ اختيارين ۽ مقامي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن گهرن ڊاهڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

  • بلاول ۽ فريال جي ايم پي اي عبدالڪريم سومري سان والده جي وفات تي تعزيت

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي پي عورتاڻي ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر پارٽي ايم پي اي حاجي عبدالڪريم سومرو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته قياست سميت پوري پارٽي اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي. هوڏانهن پي پي عورتاڻي ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر پڻ حاجي عبدالڪريم سومرو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.