وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر “ڪمال ڄامڙو لائبريري ڪارنرَ” قائم

ڪراچي( رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾“ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لائبريري ڪارنرَ” جو افتتاح ٿي ويو . وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ القيوم  سنڌي شعبي ۾ ”ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لائبريري ڪارنرـ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جي استادن، يونين جي عهديدارن، پروفيسر ڪمال حيدر، پروفيسر روشن علي سومري ٻين، سنڌي شعبي جي استادن، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ شعبي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي چاليهي واري ڏينهن سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت حسين لغاريءَ اعلان ڪيو هو ته يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نالي تي لائبريري ڪارنر قائم ڪيو ويندو. هن ڪارنر ۾  ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا سمورا ڪتاب رکيا ويا آهن. جيئن ته هيءُ لائبريري ڪارنر آهي. ڪارنر ۾ داخل ٿيندي ئي ڪمال صاحب جي ڪتابن، کيس مليل ايوارڊن ۽ شيلڊن، سندس ڪم جي تفصيلن کي تصويرن ذريعي اهڙيءَ طرح سان بيان ڪيو ويو آهي، جو ڪارنر ۾ ايندڙ پنهنجو پاڻ ڪمال صاحب سان متعارف ٿي وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي گهر واري ڊاڪٽر عابده گهانگهرو چيو آهي ته  ڊاڪٽر ڪمال جي دوستن، شاگردن ۽ گهڻگهرن کي دعوت آهي ته هو  ان ڪارنر ۾ اچي ڪمال صاحب جي سڪ جي شدت گهٽائڻ  يا کيس پاڻ سان گڏ محسوس ڪرڻ واريون ڪي گهڙيون گهاري سگهن ٿا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.