ڪلبڀوشن ياديو بابت بل سزا تي عملدرآمد جو رستو آهي: شهزاد اڪبر

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته جيڪڏهن ڪلڀوشن بل ناڪام ٿئي ها ته ڀارت فوري طور تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڃي ها. هن چيو ته برطانيه سان هڪ نئين حوالگي واري معاهدي جو مسودو تيار آهي ۽ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن سان ڳالهائيندي چئي. شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته هن برطانيا کان مطالبو ڪيو آهي ته جلاوطن ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ شيئر ڪيو وڃي. هن چيو ته نيب کي براڊ شيٽ جاچ ۾ ملوث هجڻ تي تحفظات آهن. سندس چوڻ هو ته ايف آءِ اي جڏهن رڪارڊ طلب ڪيو ته نيب خدشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته قانون واري وزارت جي راءِ آهي ته نيب کان جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته نيب کي ٻڌايو ويو ته براڊ شيٽ جاچ ڪابينا جو فيصلو آهي. هن چيو ته براڊ شيٽ واري معاملي تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ شهزاد اڪبر چيو ته نوازشريف کي برطانيا حوالي ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ 10 سالن تائين ٽرڪ جي روشنيءَ ۾ هلڻ برابر آهي، هن چيو ته برطانوي قانون تحت نواز شريف کي جلاوطن ڪرڻ لاءِ ٽي خط لکيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.