بلاول پاران نادر شاهه جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيئر جيالي سيد نادر علي شاهه جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پي پي چيئرمين سوڳوار خاندان سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم نادر علي شاهه جون پارٽي لاءِ خدمتون هميشه ياد رهنديون. ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندس وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

  • مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسي، سومر ڏهاڙي مٽياري ۾ عام موڪل

مٽياري (م د ) مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ علي شاهه سروري جماعت جي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسيءَ جي موقعي تي 22 نومبر سومر ڏهاڙي مٽياري ضلعي اندر عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي ڊپٽي ڪمشنر آفيس پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن مطابق ضروري سروسز ۽ ضلعي اندر جاري ويڪسينيشن مهم کانسواءِ سمورا سرڪاري ادارا بند رهندا.

  • آسٽريليا ۾ڪورونا سبب لاڳو پابندين ۾ نرمي

ڪينبرا (م ڊ) آسٽريليا جي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن ملڪ جي ٻين حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪورونا سبب لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪن ڇو جو ويڪسينيشن لڳرائڻ جي شرح ۾ بهتري آئي آهي. چيني خابرو اداري مطابق هن رياست وڪٽوريا ۾ وبائي بيمارين جي تجويز ڪيل قانونن خلاف پرتشدد مظاهرن جي مذمت ڪندي چيو ته هو جاري پابندين سان مايوس آسٽريليائين سان همدردي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي مقابلي ۾ ملڪ جي شهرين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهي پنهنجي زندگين سان اڳتي وڌي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.