ڊيم ڀلي ٺاهيو پر ڪرپشن نه ڪريو: ننگرپارڪر واسين پاران ڊيم آفيس جو گهيرو

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ننگرپارڪر ۾ 20 ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ 20 ڊيمن خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، اُنهي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪرشن شرما، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي چاچا الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو، رميش ڪارونجهري، حاجي ڪنڀر، ڪرمون ڪولهي، لڇمڻ ڪولهي، هيرڏان چارڻ، سورتو سوٽهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روپلو ڪولهي جي يادگار کان ريلي ڪڍي ويئي، جيڪا مختلف چوڪن تان ٿيندي بس اسٽينڊ پهتي، جتي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، اُنهي کانپوءِ احتجاج ڪندڙن ريلي جي صورت ۾ سمال ڊيم جي آفيس پهچي آفيس جو گهيراءُ ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ پنهنجا اعتراض جمع ڪرايا، ان موقعي تي ڪرشن شرما، چاچا الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هتي اربين رپين جا ڊيم غلط پلاننگ جي ٺاهي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجهر جي پٿر سميت ريتي، بجري ۽ ڪرش جي استعمال تي پابندي مڙهيل آهي، پر اُنهي عدالتي پابندي جي باوجود ڊيمن جي ڪم ۾ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪري ڪروڙين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ٺهندڙ ڊيم مضبوطي بدران تباھ ٿي رهيا آهن، هنن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، اڳ ۾ جيڪي ڊيم ٺاهيا ويا  اُهي به ڊيمن جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويا آهن، وري غلط هنڌن تي ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، رهواسين جا اعتراض نه ٿا ٻُڌا وڃن،ڪنهن هڪ ڊيم جي عوامي ٻڌڻي نه ٿي آهي، عوام کان ڪا به راءِ ناهي ورتي ويئي، ڊيمن ٺاهڻ سبب جيڪي ٻُڌڻيون ٿيون اُهي حيدرآباد ۾ رکيون ويون، ڊيمن جا سمورا ٺيڪا من پسند ۽ غيرمقامي ماڻهن حوالي ٿيل آهن، مقامي ماڻهن کي روزگار تي نه ٿو رکيو وڃي، ناانصافين جي حد ٿي ويئي آهي، ڊيمن جي ڪمن اندر ڪرپشن ۾ سمال ڊيم کاتو، ايگريڪلچر کاتو ۽ چونڊيل نمائيندا توڙي آفيسر ملوث آهن، ننگرپارڪر جو اي سي ٽن مهينن کان آفيس مان گُم آهي، ڪٿي نظر نه ٿو اچي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڊيم ڀلي ٺاهيو، ڊيمن مان اسان کي فائدو ٿيندو، پر ڊيمن جي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جو نوٽيس ورتو وڃي، ڊيمن جا مقرر ڪيل هنڌ تبديل ڪيا وڃن، عوام سان رابطن ڪري اُنهن جا سمورا خدشا ختم ڪيا وڃن، اڳواڻن چيو ته هتان جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين تي خاموش نه ويهنداسين، احتجاج جي دائري کي وسيع ڪرڻ سميت عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.