ڊيمن تي خدشا ختم ڪريو: ننگرپارڪر واسين عالمي بئنڪ کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مٺي: ننگرپارڪر جي رهواسين پاران ورلڊ بئنڪ کان ڊيمن بابت خدشن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، احتجاج دوران ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن چاچا الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته ڊيم ننگرپارڪر واسين لاءِ فائدي مند آهن، جنهن سان زراعت کي فائدو ٿيندو پر سمال ڊيم ۽ زراعت کاتي جي غلط پلاننگ ۽ منصوبابندي سبب ڊيمن وارو منصوبو ڪرپشن جي ورچڙهي ويو آهي، ورلڊ بئنڪ معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي ۽ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري.

  • ٽيڪسٽائل گروپ جي روانگي واپار ۾ 27 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (م ڊ) ٽيڪسٽائل گروپ جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن دوران 27 سيڪڙو اضافو ٿيوآهي. انگن اکرن واري اداري ( پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق جولاءِ کان آڪٽوبر 2021 دوران روانگي واپار جو حجم 6.021 ارب ڊالر تائين وڌي ويو جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳي مدي دوران تيڪسٽائل گروپ جي روانگي واپار مان 4.758 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن دوران ٽيڪسٽائل گروپ جي قومي روانگي واپار ۾ 1.263 ارب ڊالر يعني 26.55 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي

  • ننگرپارڪر جو اي سي ڪورونا جو بهاني ڪري ٽن مهينن کان آفيس مان غائب

مٺي: ننگرپارڪر جو اي سي ٽن مهينن کان آفيس مان غائب هجڻ ڪري رهواسي ڪمن ڪارن لاءِ دربدر ٿي ويا، اي سي ڪورونا پازيٽو اچڻ بعد ٽن مهينن کان آفيس اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب رهواسي ڪمن ڪارن لاءِ رُلي ويا آهن، ٻُڌايو پيو وڃي ته عوامي شڪايتن جي باوجود ڊي سي معاملي جو ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

  • هاءِ روف گاڏيون چوري ڪندڙ گروھ جا 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) اي وي ايل سي پوليس ڪراچي مان هاءِ روف گاڏيون چوري ڪندڙ گروھ جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،جن وٽان چوري جون 2 گاڏيون ۽ وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدارن ۾ ريحان عرف گڊو ولد يوسف ( گينگ سربراهه)، التمش ولد ريحان، انس ولد ريحان، شمس الله ولد رمضان، زرجان ولد انو جان شامل آهن، پوليس موجب گينگ جو سربراهه ريحان سال 2002 کان ڏوهن ۾ ملوث آهي، قتل جي ڏوھ ۾ عمر قيد جي سزا به ڪاٽي آيو آهي، جوابدار پنهنجي 2 پٽن ۽ ساٿين سميت ڪراچي شهر مان هاءِ روف گاڏيون چوري ڪري شهر ۾ منشيات جو نيٽ ورڪ پڻ هلائي رهيو هو، جوابدار سان گڏ ڊينٽر، پينٽر، ڪٻاڙي به شامل آهن، جوابدار هاءِ روف گاڏيون چوري ڪري پراڻين گاڏين مٿان ڪٽ ۽ ويلڊ ڪندا هئا، ان بعد بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.