تعميراتي شعبي کي 90 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي مدد ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعميراتي شعبي کي 90 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ فراش ٽائون اپارٽمنٽ جو دورو ڪيو ۽ کيس جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي مدد نه ڪئي، اسان 2 سال گذاريا ۽ بينڪن کي قرض ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو، وچولي ۽ غريب طبقي جا ماڻهو گهر ٺاهي سگهندا. وزيراعظم چيو ته فراش ٽائون ۾ 4 هزار 400 اپارٽمينٽ ٺاهي رهيا آهيون، 400 اپارٽمنٽ ڪچي آبادين لاءِ الاٽ ڪيا ويا آهن. عمران خان چيو ته هڪ لک گهر اڏاوت هيٺ آهن، حڪومت جي ڪوشش آهي ته اها رقم ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.