ڪهڙو رليف چاهيو ٿا، ڇا مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ۾ ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جي اختيارن کي محدود ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فيصل سبزواري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن پيش ٿيو، عدالت درخواستگذار کي استدعا ۾ ترميم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته اوهان عدالت کان ڪهڙو ريليف چاهيو ٿا؟ اوهان چاهيو ٿا ته مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، عدالت کي خواجا اظهار الحسن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن ايڊمنسٽريٽرن جي اختيارن جو جائزو وٺي، اسان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.