ڀارتي حڪومت تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ممبئي (م ڊ ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ اعلان ڪيو آهي ته سيپٽمبر 2020ع ۾ پاس ڪيل نوان زرعي قانون واپس ورتا ويندا، جنهن خلاف سڄي ملڪ ۾ هارين وڏا وڏا احتجاج ڪيا هئا. پرڏيهي خابرو اداري ’رائٽرز‘ جي هڪ رپورٽ موجب ٽنهي قانونن کي اوچتو ختم ڪرڻ جو فيصلو هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ان قانون کي ختم ڪرڻ جو فيصلو هن سال اڳ آيو هو. قوم کي خطاب ڪندي نريندر مودي چيو ته مان اڄ توهان کي ۽ سڄي قوم کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اسان زراعت سان لاڳاپيل سڌارا واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هن مهيني جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ پارلياماني اجلاس ۾ سموريون قانوني ڪارروائيون مڪمل ڪيون وينديون ته جيئن اهي ٽي زرعي قانون واپس وٺي سگهجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.