پي ٽي آءِ ايم پي اي شهزاد اعواڻ جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) شهرين تي تشدد ۽ قتل جون ڌمڪيون، پي ٽي آءِ ايم پي اي شهزاد اعواڻ جا گرفتاري وارنٽ جاري جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه پي ٽي آءِ ميمبر سنڌ اسيمبلي شهزاد اعواڻ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ شهري جي گهر ۾ داخل ٿي تشدد ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت ايم پي اي شهزاد اعواڻ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت شهزاد اعواڻ خلاف ڪيس ۾ بي ڪلاس رپورٽ رد ڪندي جوابدارن جو قومي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي ملڪ شهزاد اعواڻ جي گرفتاري وارنٽ کان به آگاهه ڪيو. سنڌ جي اسپيڪر کي لکيل خط ۾ عدالت چيو ته ايم پي اي شهزاد اعواڻ جي گرفتاري لاءِ پوليس سان سهڪار ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان جوابدارن جي گرفتاري ۽ پيش رفت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.