مٽياري ۾ گم ٿيل 2 ٻارڙا گندي پاڻي جي کڏ مان بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ، حيدرآباد اسپتال ۾ فوت

مٽياري (ڊر) مٽياري مان گم ٿيل 2 معصوم ٻارڙا بيھوشي جي حالت ۾ گندي پاڻي جي کڏ مان ھٿ، ٻئي معصوم ٻارڙا حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويا،  مٽياري ۾ ڪالهه شام کان گم ٿيل مٽياري جي گجراتي محلي جا رھائشي 2 معصوم ٻارڙا 7 ورهين جو راج وير گجراتي ۽ 5 سالن جو ذاڪر گجراتي مٽياري جي گندي پاڻي جي کڏ مان بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ آيا آهن، ٻنھي ٻارڙن کي فوري طور مٽياري تعلقہ اسپتال منتقل ڪيو جتان ابتدائي طبي امداد بعد ٻنھي ٻارڙن کي ڳڻجي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جيڪي حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويا ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ ھو ته ٻئي ٻارڙا شام کان وٺي گم ھئا جن جي ڳولا ڪئي پئي وئي ته ٻئي ٻارڙا گندي پاڻي جي کڏ ۾ بيھوش پيل نظر آيا مٽياري پوليس ٻنھي ٻارڙن  جي گمشدگي ۽ گندي پاڻيءَ جي کڏ مان بيھوشي جي حالت ۾ مليا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويا، معصومن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.