گئس کوٽ جو شڪار عوام لاءِ ايل پي جي اگهن ۾ 160 رپين تائين واڌ

ڪوئيٽا(م ڊ)ڪوئيٽا ۾ ٿڌ وڌندي ئي ”ايل پي جي“ جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ايل پي جي جو في ڪلو اگهه 70 رپين مان وڌائي 230 رپيا ڪيو ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته گذريل سياري ۾ ايل پي جي 120 کان 130 رپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿي رهي هئي پر هاڻي ايل پي جي جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري گهريلو واهپيدار سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جڏهن ته اهڙي واڌ کانپوءِ ڪاٺ جي اگهن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.