سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود مخالف ڌر ناڪام، صحافين جي تحفظ ۽ نيب ترميمي بل منظور سميت ڪيئي بِل منظور، گوڙ

اسلام آباد(م ڊ)حڪومت سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ سميت ڪيترائي بِل مخالف ڌر جي هُل ۾ به منظور ڪرائي ڇڏيا. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري طرفان صحافين جي تحفظ جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، صحافين بابت بل جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ آيا. صحافين جي تحفظ جو بِل سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي تحريڪ تي دلاور خان گروپ به حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو. حڪومت طرفان صحافين جي تحفيظ جي بِل کي واڌو ايجنڊا طور پيش ڪيو جنهن تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ ربڙ اسٽيمپ پارليامينٽ نامنظور جا نعرا هنيا. انساني حقن واري وفاقي وزير شيري مزاري چيو ته صحافين بابت بِل کي ٺاهڻ ۾ هڪ سال لڳو. قانون واري وفاقي وزير بيريسٽر فروغ نسيم طرفان سينيٽ ۾ نيب ترميمي به ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو جنهن کي به وڏي ايوان منظور ڪري ورتو. فروغ نسيم جو چوڻ هو ته اهو به ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ قطعي ناهي پر سڀني جي لاءِ آهي. انکانسواءِ سينيٽ پارلياماني معاملن واري وزير محمد علي خان طرفان پيش ڪيل هائر ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل به منظور ڪري ورتو. مخالف ڌر ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ميمبرن کي پنهنجي سيٽن تي واپس وڃڻ جي هدايت ڪندو رهيو. سينيٽ اجلاس دوران مخالف ڌر حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مخالف ڌر ايجنڊا جون ڪاپيون چيئرمين ڏانهن موڪلي ڇڏيون. انساني حقن واري وفاقي وزير شيري مزاري سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ جو بل پيش ڪيو جنهن جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ آيا. سينيٽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير محمد علي خان پاران پيش ڪيل هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ترميمي بل به منظور ڪري ورتو. سنڌ ۽ ڪراچي لفظ استعمال ڪرڻ تي سينيٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويو. پ پ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر اعتراض اٿاريو ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي، سنڌ ۽ ڪراچي الڳ نه آهن. سينيٽ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مستقبل ۾ ان تي غور ڪرڻ گهرجي. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته سيف الله پراچا کي گوانتانامو بي مان آزاد ڪيو ويو. 18 سالن کان معصوم پاڪستاني تي ظلم جو جواب ڪير ڏيندو؟ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيو. جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ ف پرويز مشرف جي حمايت ڪئي. ان معاملي تي عمران خان موقف اختيار ڪيو. علي محمد خان سينيٽ کي ٻڌايو ته گوانتانامو بي مان وڌيڪ ماڻهن کي آزاد ڪيو پيو وڃي. علي محمد خان جي بيان تي مخالف ڌر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيئرمين سينيٽ علي محمد خان جو مائڪ بند ڪري ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.