ملڪ ۾ ڊالر لڳاتار مهانگو ، 177 رپيا ٿي ويو

اسلام آباد(م ڊ)ملڪ ۾ پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ لاٿ ۽ ڊالر جي ملهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. ڊالر جي اگهن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو وڪرو 57 پيسا وڌي 175 رپيا 24 پيسا رهيو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو وڪرو هڪ رپيو وڌي 177 رپيا ٿي ويو آهي.

  •  دنيا جون نظرون سنڌ جي ساحل تي آهن: تيمور ٽالپر

ڪراچي: ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير تيمور ٽالپر چيو آهي ته ٺٽي سميت پوري سنڌ ۾ جيڪي به ٻيلي کاتي جون زمينون ليز تي ڏنل هيون اهي ليزون ختم ڪيون ويون آهن، هاڻي اتي سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ ڪابينا جي منظوري سان زمينن تي وڻ پوکيا ويندا، سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي فاريسٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڍ وڌو ويندو، جڏهن ته 3 لک 59 هزار ايڪڙن تي تمر جا وڻ پوکيا آهن، تمر پوکڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، هن چيو ته 1600 ايڪڙ زمين تان قبضا خالي ڪرايا آهن، ٻن ٻين ضلعن ۾ زمينن تان قبضا هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته دنيا جون نظرون سنڌ جي ڪوسٽل تي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.