وفاق گئس ۽ پاڻي مسئلن جو ذميوار، ٽي ٽي پي سان ڳالهين خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ناظم جوکئي ڪيس بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر جو شديد احتجاج، نعريبازي، سنڌ سرڪار جي وفاق تي پاڻي ۽ گئس جا مسئلا حل نه ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو  آهي ته گئس جي ورهاست جا اختيار سنڌ کي ڏنا وڃن، مخالف ڌر پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ وفاق سان ڳالهيون ڪري سنڌ جو ساٿ ڏئي، وفاقي سرڪار ٽي ٽي پي سان ڳالهين لاءِ پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ وٺي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو پنجاب گريٽر ٿر ڪينال ٽُو ۽ جلال پور ڪينال ٺاهي وڌيڪ 18 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ چاهي ٿو جنهن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڄام خان شورو چيو ته  سنڌ کي ان تي سخت اعتراض آهن مخالف ڌر به هن مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏئي،اهن چيو ته  حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، جلال پوري ڪينال ڪڍي پاڻي کنيو پيو وڃي ان سان سنڌ کي وڌيڪ نقصان ٿئي پيو، مخالف ڌر وارا ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائين جئين ڪو مسئلي جو حل نڪري. توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ گيس جي ڊسٽريبيوشن جا اختيار سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته گيس نڪري به سنڌ صوبي مان ٿي پر محروم به سنڌ کي ڪيو پيو وڃي اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جا فيصلا قبول ناهن، ايوان ۾ ڳالهائيندي امتياز احمد شيخ چيو  ته وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري گئس جي بحران جو مسئلو آهي، سنڌ جو عوام ٻٽي عذاب ۾ آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ گئس نه پئي اچي، ٻار صبح جو اٿن ٿا ته ناشتو نه ٿو ملي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ عوام کي ڪاٺيون گڏ ڪري کاڌو پچائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته وڏي وزير گئس جو مسئلو مختلف فورمن تي اٿاريو آهي، پر وفاق طرفان گئس بحران جي حل لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن،هاڻي گئس به دوا وانگر ٽي ٽائيم ملندي، هن چيو ته گئس جي پيداوار سنڌ ۾ وڌيڪ آهي، ان ڪري سوئي سدرن جو نظام به سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي، . صحت کاتي بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو وفاقي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڳالهين جي معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، قاسم سومرو ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار پاران ملڪ ۾ هزارين بيگناهه شهرين جو رت وهائيندڙ تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻي سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي،هن چيو ته ٽي ٽي سان ڳالهيون بنا مشوري جي ڪيون پيون وڃن، ان پارٽي طرفان سپاهين ۽ سياسي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جيستائين ان پاليسي تي بحث نه ڪيو ويندو، ملڪ کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو، ان بعد ٺهراءُ ايوان مان پاس ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ناظم جوکيو ۽ فهميده جوکيو واري معاملي تي ٽيون ڀيرو  ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري جيڪا نه ملي ان تي مخالف ڌر ايوان ۾ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.