مريم نواز اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي عمران سرڪار کي ٻه سال ڏنا: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز شريف کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته هن اسٽبلشمينٽ جي چوڻ تي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻه سال ڏئي ڇڏيا آهن، مريم نواز طرفان عدم اعتماد واري رٿ ذريعي ان هائوس تبديلي کي اسٽبلشمينٽ جي سرپرستي قرار ڏئي عمران خان کي وڌيڪ حڪومت ۽ قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته عوام وزيراعظم خان ۽ پي ٽي آءِ جي يزيدي سرڪار کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو ۽ اسين چاهيون ٿا ته هن عوام دشمن مان سڀاڻي جان ڇڏائي وڃي جنهن جو فوري حل عدم اعتماد جي رٿ ۽ ان هائوس تبديلي آهي. هن چيو ته عام چونڊن لاءِ مدو 2023ع آهي ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز هن حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ نه عدم اعتماد جي رٿ چاهي ٿي، نه ان هائوس تبديلي چاهي ٿي ۽ نه ئي لانگ مارچ چاهي ٿي. نثار کهڙو چيو ته مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پسجندڙ عوام هن حڪومت مان فوري ڇوٽڪارو چاهي ٿو پر ن ليگ عمران خان کي وڌيڪ قائم ڪرڻ لاءِ وقت ڏئي ڇا 2023ع جي چونڊن جو انتظار ڪري رهي آهي؟ هن چيو ته مريم نواز عدم اعتماد جي رٿ ۽ اِن هائوس تبديلي کي اسٽبلشمينٽ جي سرپرستيءَ جو الزام لڳائي ڇا پاڻ اسٽبلشمينٽ جي چوڻ تي عمران خان کي وڌيڪ حڪومت ڪرڻ لاءِ آسان رستو فراهم ڪري رهي آهي ان تي ن ليگ عوام کي جواب ڏئي؟ هن چيو ته مريم نواز صاحبه قوم کي ٻڌايو ته 1989ع ۾ ن ليگ پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت خلاف جڏهن عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ته ان رٿ ۾ اسٽبلشمينٽ جو ڪيترو ڪردار هيو؟ 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.